توجي نالي وارو دڙو

توجي نالي وارو دڙو (ماڳ ):هي دڙو توجي چشمي لڳ خاران، بلوچستان ۾ واقع آهي. هي توجي چشمي جي ڏکڻ ۾ انهيءَ جاءِ تي آهي، جتي اهو نالو هڪ نئن سان ملي ٿو. انهيءَ هنڌ ٻه دڙا آهن، جن مان هڪ دڙو اتر-ڏکڻ 100 وال ماپ جو نئن جي پيٽ کان 35 فوٽ اوچو آهي. جتي رهائشي جاين جا آثار ملن ٿا، جيئن ته خزاني جي ڳولا ڪندڙن هن دڙي کي گهڻو کوٽيو آهي، ان ڪري ڀتيون ظاهر ٿي پيون آهن. ڀتين جي ٿولهه 3 فوٽ ۽ اوچائي 4 کان 5 فوٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. دڙي جي مٿاڇري کان هيٺ لاهين تائين ڪافي تعداد ۾ ٺڪراٺو ملي ٿو. ٺڪر جو رنگ ڳاڙهو آهي، ان تي ناسي رنگ جا چٽ چٽيل آهن. ٻيو دڙو هن کان ايراضيءَ ۾ ننڍو، الڳ سان بيٺل هيٺ تراکڙي سطح تي وڏي دڙي جي ڏکڻ ۾ آهي. اتي اڏاوتن جا نشان نظر ڪو نه ٿا اچن، پر ٺڪراٺو ساڳي نموني جو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو